سنت سُروپداس

سنت سُروپداس: سنت سروپداس ولد گرمکداس ڳوٺ ساجن شاهه، تعلقي ڪنڊياري ۾ جنم ورتو. سندس جنم جو نالو موهن هو. سندس والد زميندار هو. هن کي سندس والد ننڍي عمر ۾ هالاڻي درٻار صاحب ۾ ڇڏي آيو. جڏهن وڏو ٿيو ته کيس ڪاشيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. جتان موٽي اچي درٻار جي خدمت ڪيائين. جڏهن گادي نشين سنگتداس وفات ڪئي، تڏهن موهن کي گادي تي ويهاري، سندس نئون نالو سروپداس رکيو ويو. سروپداس تمام سادگي سان گذاريندو هو ۽ هميشه هيٺ زمين تي سمهندو هو.
سنت سروپداس 27 جولائي 1940ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو